اشفاق لغاري

اشفاق لغاري

اشفاق لغاري

اشفاق لغاري: صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ اديب اشفاق لغاري 7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ محمد الياس لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ٽنڊي الهيار مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪ سنگهار مان، انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ۽ ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان 2008ع ۾ حاصل ڪئي. هن ادب ۾ ڪھاڻيون ۽ خاڪا لکڻ سان شروعات ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ واري دؤر کان روزاني ’هلچل‘، روزاني ’عبرت‘ ۽ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سب ايديٽر جي حيثيت سان 8 سالن تائين ڪم ڪيو. ’سنڌ‘ ٽي وي نيوز جي ڪرنٽ افيئر شعبي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ان کانسواءِ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ سان گڏ اردو ’هم سب‘ ڊاٽ ڪام ۾ فيچر ۽ ’لوڪ سجاڳ‘ ڊاٽ ڪام لاءِ بلاگ ۽ تحقيقي فيچر لکندو رهيو آهي. 2010ع کان مھراڻ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ اشفاق لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.07.07  عيسوي

صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ اديب اشفاق لغاري 7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ محمد الياس لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺواڻي هريڪانت
سمرسيٽ ماهم
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
امين مگسي
شاهه بليغ الدين
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
مختيار سمو
غلام حسين رنگريز
ڏيپلائي محمد علي
عبدالحق مولوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون